واٽس ايپ ”سيڪريٽ ڪوڊ“ فيچر متعارف، ڪهڙي ڪم جو هوندو؟

واٽس ايپ ۾ هڪ نئون پرائيويسي سيڪريٽ ڪوڊ کي متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪجهه هفتا اڳ ان فيچر کي واٽس ايپ جي بيٽا ورجن جو حصو بڻايو ويو هو ۽ هاڻي ان کي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
سيڪريٽ ڪوڊ بنيادي طور تي وائيس ايپ جي چيٽ لاڪ نالي فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو.
واضح رهي ته چيٽ لاڪ فيچر مئي 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي ذريعي مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان تائين پهچ فون ان لاڪ جي طريقيڪار سان ممڪن هوندي آهي.
مارڪ زڪربرگ ٻڌايو ته واهپيدار پنهنجي لاڪ چيٽس کي انوکي پاسورڊ سان تحفظ فراهم ڪري سگھندا.
ان نئين فيچر سان واهپيدارن جي پرائيويسي بهتر ٿيندي ڇو جو سندن لاڪ ڪيل چيٽس سامهون نظر نه اينديون.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته واهپيدارن جي لاڪ چيٽ ان وقت سرچ بار تي نظر ايندي جڏهن اهي سيڪريٽ ڪوڊ ٽائيپ ڪندا.
لاڪ چيٽس جي لسٽ نظرن جي آڏو نه هوندي جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو استعمال ڪندو تڏهن به ان هن لاءِ حساس ڳالهه کي ڏسڻ ممڪن نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.