” بابر اعظم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو سلمان خان آهي“

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي وائرل وڊيو مداحن کي بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ياد ڏياري ڇڏي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني رانديگرن پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

وائرل وڊيو ۾ شاهين آفريدي، امام الحق، ڪپتان شان مسعود ۽ ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ پنهنجي، پنهنجي گهروارين سان گڏ نظر اچي رهيا آهن.

ان ئي وڊيو جي آخر ۾ بابر اعظم به موجود آهي جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪيون پنهنجو سامان کڻي وڃي رهي آهي.

بابر اعظم جي اِها وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن کي بابر اعظم جي اڪيلائي تي بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي ياد اچي وئي.

ڀارتي ايوارڊ شو ۾ سدائين سلمان خان به اڪيلو ئي نظر ايندو آهي جنهن سبب مٿس ڪافي ميمز ٺاهيا ويندا آهن.

بابر جي وڊيو ڏسي به واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، هڪ واهپيدار بابر اعظم جي اڪيلائي تي ڏاڍو مايوس نظر آيو.

هڪ صارف لکيو ته ڪير آهي سلمان خان؟ مان رڳو بابر اعظم کي سڃاڻا ٿو.

طوبه بٽ نالي صارف لکيو ته اسان جو بابر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو سلمان خان آهي.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اسان جو بادشاهه راڻي کانسواءِ، جڏهن ته ڪجهه واهپيدار آسٽريليا جي دوري لاءِ رواني ٿيندڙ پاڪستاني ٽيم جو حوصلو پڻ وڌائيندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.