سنڌ آ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، فائزا علي جي نئين خواهش، سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ متل

فائزا علي راڳ جي دنيا جو ڪو وڏي ۾ وڏو نالو به ناهي جنهن ٻڌندڙن جي روح تي سڪتو تاري ڪري مداحن جي دِل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي هجي، نه ئي فائزا ڪو ڳچ عرصو راڳ جي دنيا ۾ گذاريو آهي جنهن جي ڪري سندس سڃاڻ سڀني فنڪارن،راڳين ۽ گلوڪارن  کان الڳ هجي، تنهن باوجود به ننڍي عمر ۾ ئي بهترين آواز ۽ آلاپ جي ڪري سندس جاءِ مداحن جي دلين ۾ ٺاهڻ لاءِ ڪا دير نه لڳي، جيئن ئي فائزا جو پهريون البم رليز ٿيو ته ڏسندي ئي ڏسندي آبادي جو هڪ وڏو حصو سندس مداح بڻجي ويو ۽ اڪثر مداح سندس خوبصورتي جي واکاڻ به ڪندا رهيا، ڳائڻ جي دنيا کان هٽي ڪري فائزا علي سوشل ميڊيا جي زينت ان وقت بڻي جڏهن هن هڪ بيوروڪريٽ عبدالحميد ابڙو سان شادي ڪئي، فائزا علي ۽ عبدالحميد ابڙو جي شادي سوشل ميڊيا تي انڪري بحث جو سبب بڻي جو سندس مداح فائزا جي ان عمل کي رڳو انڪري قبول نه پيا ڪن ته هن وڏي عمر جي شخص سان رڳو دولت جي بنياد تي شادي ڪئي آهي. جيڪا تنقيد ڪهڙي به حوالي سان ڪنهن کي به جڳائي نه پئي، شادي سندس ذاتي زندگيءَ بابت ذاتي فيصلو هو جنهن تي اجائي واويلا ٿيڻ بدران سندس حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.