ڊائريڪٽر محمد حفيظ جو عامر ۽ عماد بابت وڏو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ انڪشاف ڪيو آهي ته مان فاسٽ بالر محمد عامر ۽ عماد وسيم کي پاڻ فون ڪئي پر ٻنهي ٻيهر پاڪستان لاءِ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ چيو ته عماد وسيم سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون نه ڪيون هيون، تنهن ڪري مان ان کي پاڻ فون ڪئي ۽ ٻڌايو ته توهان اسان جي پلان ۾ موجود آهيو ۽ اسان چاهيون ٿا ته توهان وڌيڪ پاڪستان جي نمائندگي ڪيو، جنهن تي هن سوچڻ جو وقت گهريو ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ جواب ڏنو ته هو دستياب ناهي، ان پيغام جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي هن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته ائين ئي مان محمد عامر کي به فون ڪئي ۽ درخواست ڪئي ته جيڪڏهن توهان پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهيو ٿا ته رٽائرمينٽ واپس وٺو ۽ ڊوميسٽڪ ۾ اچو ۽ سٺو پرفارم ڪري ٽيم ۾ شامل ٿي وڃو، جنهن تي هن انڪار ڪندي چيو ته مان زندگي ۾ اڳتي وڌي چڪو آهيان ۽ پاڪستان ٽيم بدران انٽرنيشنل ليگون کيڏڻ بهتر سمجهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.