ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ اڄ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ڊالر 12 پئسا سستو ٿي 285 رپين 52 پئسن تي بند ٿيو، ان کان اڳ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 64 پئسا هو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 287 رپين تي برقرار آهي.