لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي کير جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.
ڊپٽي ڪمشنر ايف بي آر عاصم منج جي سربراهيءَ ۾ ڇاپا هڻي ٽيم قصور جي فارم مان سمورو ڊيٽا ۽ ڪمپيوٽر رڪارڊ هٿ ڪري ورتو.
وڪيل عامر سعيد موجب قانوني ٽيم ايف بي آر کي عدالتي حڪم ڏيکارڻ جو مطالبو ڪيو هو.
عامر سعيد دعويٰ ڪئي ته مئجسٽريت وٽ ڪورٽ آردر جو آفيسل آرڊر موجود ناهي.
ايف بي آر ٽيم جي آفيسر کين جواب ڏنو ته جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته اهو آرڊر جعلي آهي ته اوهان اسان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهو ٿا.