حڪومتون تبديل ٿيڻ سان ماحول تبديل نه ٿيڻ گهرجي: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته هڪ حڪومت منصوبو ٺاهيندي آهي ۽ ٻي حڪومت اچي ان کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، ملڪي استحڪام لاءِ سياسي پاليسي هجڻ ضروري آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته وڏي ڏکيائين سان چونڊن جي تاريخ ملي آهي، ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، اتحاد ٺهندا رهندا آهن، سياست ان جو ئي نالو آهي، 170 سياسي پارٽيون آهن، ڪجهه پارٽيون ئي پارلياماني قوت کڻي اسيمبلي پهچنديون آهن.
هن چيو ته 12 ڪروڙ ووٽرن ۾ 65 سيڪڙو نوجوان آهن، جيڪي ووٽنگ ۾ حصو وٺندا ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، چونڊ سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن، ملڪ ۾ ميثاق جمهوريت به ٿيڻ گهرجي، اهو معاهدو ٻن پارٽين وچ ۾ ٿيو هو، جنهن تي ڪيترين ئي پارٽين اعتراض ڪيا.
سندس موجب اسان جو مقصد هو سياست خلاف سازش نه ڪئي وڃي، ملڪ ۾ ميثاق معيشت به ٿيڻ گهرجي، حڪومتون تبديل ٿيڻ سان ماحول به تبديل ٿي ويندو آهي، اهڙي منصوبابندي ڪئي وڃي، جنهن کي ايندڙ حڪومتون به جاري رکن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.