فيسبوڪ ميسنجر ايپ ۾ دلچسپ فيچر اچي ويو

جڳ مشهور چيٽ ايپ ميسنجر ۾ هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان دوستن سان چيٽ لاءِ ميسنجر استعمال ڪندا آهن ته هاڻ ميسجز جو جواب ايموجي ذريعي ڏئي سگهو ٿا.
ان مقصد لاءِ ميسنجر ايپ ۾ مختلف ايموجي ري ايڪشنز سجيسٽ ڪيا ويندا جيڪي واهپيدار پيغامن جو جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندا.
هونئن ته ميسنجر ۾ ايموجي ري ايڪشن وارو آپشن پهريان کان موجود آهي پر هاڻ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
هاڻ رڳو هڪ بٽڻ دٻائي هو ڪنهن به پيغام تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري سگهندا ۽ کين ايموجي ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي.
ڪمپني موجب، واهپيدار پنهنجي پسند جا ايموجيز سيٽ ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.