”ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندو“

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گمڀير آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي فائنل ۾ ڀارت ۽ پاڪستانم کي آمهون سامهون ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
پنهنجي تازي انٽرويوءَ دوران گمڀير چيو ته ايندڙ سال شيديول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون هڪٻئي خلاف مقابلو ڪنديون، ۽ هو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ به ڪري سگهن ٿيون.
گوتم چيو ته جيڪڏهن ميگا ايونٽن ۾ پاڪستان ڪنهن ٽيم خلاف هارائي ٿو ته ڀارت ۾ مخالفن پاران جشن ملهائڻ يا ڀارت جي ناڪامي جي صورت ۾ پاڪستان ۾ جهمريون هڻڻ صحيح ناهي.
هن چيو ته ڪنهن جي هار جو جشن ملهائڻ بي معنيٰ آهي جڏهن ته پاڪستان هارائيندو آهي ته ڀارتي مداح خوش ٿيندا آهن ۽ جڏهن ته ڀارت ڪو مقابلو کٽڻ ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته پاڪستان به ائين ئي ٿيندو آهي جيڪو هڪ ناڪاري رويو آهي، اهڙي ذهنيت کي بدلائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.