مرد عورت برابر ناهن ”فالتو فيمينزم“تي يقين نه ڪريو:نينا گپتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ٽي وي ڊائريڪٽر نينا گپتا چيو آهي ته هوءَ ان حقيقت تي يقين نٿي رکي ته مرد ۽ عورت برابر آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب پنهنجي تازي انٽرويو ۾ عورتن جي حقن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي نينا گپتا ماڻهن کي مشورو ڏنو ته هو ”فالتو فيمينزم“ تي يقين نه ڪن.
نينا گپتا چيو ته آئون اهو چوڻ چاهيان ٿي ته ”فالتو فيمينزم“ يا ان خيال تي يقين ڪرڻ ضروري ناهي ته عورتون مردن جي برابر آهن ان بدران مالي آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيو.
هن چيو ته جيڪڏهن اوهان گھريلو عورت آهيون ته ان کي حقير نه سمجهيو، اهو هڪ مک ڪردار آهي، پنهنجي عزت نفس کي هٿي ڏيو ۽ پاڻ کي ننڍو سمجهڻ کان پاسو ڪريو، اهو ئي اُهو اهم پيغام آهي جيڪو آئون ڏيڻ چاهيان ٿي.
ڀارتي اداڪارا جو چوڻ هو ته مرد ۽ عورت برابر ناهن، جنهن ڏينهن مرد ڳورهارا ٿيڻ شروع ٿي ويندا انهن ڏينهن اسان برابر ٿي وينداسين.
نينا گپتا اها به دعويٰ ڪئي ته عورتن کي مردن جي ضرورت هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.