نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گھرو اڻبڻت تي پنهنجي زال ۽ ٻن سالن جي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ ظالم شخص زهريلو نانگ ڇڏي ڏنو جنهن ٻنهي کي ڏنگي وڌو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو ڀارتي رياست اڊيشا ۾ پيش آيو، جتي 25 ورهين جي گنيش ياترا نالي شخص گھرو اڻبڻت تي پنهنجي زال ۽ ٻن سالن جي ڌيءَ جي ڪمري ۾ زهريلو نانگ ڇڏي ڏنو جنهن ٻنهي ماءُ ڌيءَ کي ڏنگي وڌو.
پوليس موجب جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ان قسم جو نانگ ان علائقي ۾ نٿو ملي جنهن سبب شڪ پيدا ٿيو، وڌيڪ جاچ دوران مقتولا جي پنهنجي مڙس سان لاڳاپن جي خرابي جو انڪشاف ٿيو.
پوليس جوابدار مڙس گنيش کي حراست ۾ ورتو جنهن قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته اهو نانگ هن هڪ جوڳي کي اهو چئي گھرايو هو ته هو ان کي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو.
پهريان جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته نانگ پاڻ ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو پر بعد ۾ باسي ورتو ته جڏهن زال ۽ ڌيءَ ننڊ پيون هيون ته هن نانگ کي ڪمري ۾ ڇڏيو.
Next Post
You might also like