واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪيل هڪ انوکي سروي مان خبر پئي آهي ته نوان والدين ٻارن جي پالنا،تربيت ۽ سندن صحت جو خيال رکڻ بابت پريشان نظر اچن ٿا جيڪي مدد لاءِ مجبور ٿي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندا آهن.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته هر پنجن مان 4 آمريڪي والدين ٻارن جي پالنا،تربيت ۽ صحت جو خيال رکڻ بابت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کان مدد وٺندا آهن ۽ اتي ٻين والدين پاران شيئر ڪيل مواد مان رهنمائي حاصل ڪندا آهن.
يونيورسٽي آف مشي گن هيلٿ جي ٻارن بابت اسپتال جي ماهرن پاران ڪيل سروي ۾ خبر پئي آهي ته هر پنجن مان 4 آمريڪي والدين ٻارن جي پالنا، تربيت ۽ سندن صحت جو خيال رکڻ بابت سوشل ميڊيا کان رهنمائي وٺن ٿا.
تحقيق دوران ماهرن مرد ۽ عورت والدين کان سوال ڪيا ۽ هنن کان پڇيو ويو ته هو ڪيئن پنهنجن ٻارن جو خيال رکندا آهن ۽ کين ڪيئن خبر پوندي آهي ته ڪهڙي مسئلي کي ڪيئن حل ڪيو وڃي؟
سروي ۾ شامل گھڻن والدين ٻڌايو ته هو سوشل ميڊيا تي ٻين والدين جي مواد ۽ هدايتن مان رهنمائي حاصل ڪندا آهن.
ٻارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا کان رهنمائي وٺندڙ گھڻيون مائرون هيون، پر مرد والدين به اعتراف ڪيو ته هو به سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندا آهن.
سروي انهن والدين تي ڪئي وئي جن جي ٻارن جي عمر وڌ کان وڌ 4 سالن تائين هئي.
والدين ٻڌايو ته هو گھڻو ڪري ٻارن جي ٽوائليٽ ڪرڻ بابت رهنمائي جو مواد سوشل ميڊيا تي ڏسندا آهن.
سروي ۾ شامل 44 سيڪڙو والدين موجب هو سوشل ميڊيا تي ٻارن جي ٽوائليٽ جي مسئلن ۾ مدد جڏهن ته 42 سيڪڙو والدين ٻڌايو ته هو ٻارن کي جلد سمهارڻ جي حوالي سان ٻڌايل ترڪيبن کي ڏسندا آهن.
اهڙيءَ طرح گھڻن والدين ٻارن کي ماءُ جي کير ۽ ٻيون غذائون کارائڻ جي حوالي سان رهنمائي لاءِ به سوشل ميڊيا کان مدد وٺڻ جو اعتراف ڪيو.
جيتوڻيڪ گھڻن والدين سوشل ميڊيا کي هاڪاري قرا ڏنو، پر والدين ان ڳالهه تي به خدشا ظاهر ڪيو ته ٻيا والدين پنهنجن ٻارن جو تصويرون ۽ وڊيوز به ٻارن جي رضامندي کانسواءِ شيئر ڪري رهيا آهن جيڪو اخلاقي طور تي غلط آهي.
اهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهن اها شڪايت به ڪئي ته والدين ٻارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو مواد شيئر ڪرڻ وقت ڪجهه انتهائي ذاتي ڄاڻ به شيئر ڪري رهيا آهن جيڪو غلط آهي.
گڏيل طور تي نون والدين ٻارن جي پالنا ۽ تربيت لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي استعمال کي فائديمند قرار ڏنو.
You might also like