سينيٽ جو اجلاس،رٽائرڊ فوجي ۽ سول آفيسر ٻاهر ويهي ڊالرز ۾ پينشن ڇو کڻي رهيا آهن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي پگھارن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا جتي سينيٽرز تنقيڊ ڪئي ۽ رضا رباني چيو ته 164 رٽائرڊ فوجي ۽ سول آفيسر ٻاهر ڊالرز ۾ پينشن کڻي رهيا آهن، ان ڇا جواز آهي.
چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزارت طرفان اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي پگھار ۽ پينشن جي اسٽرڪچر جي حوالي سان تفصيل پيش ڪيا ويا.
سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته مرڪزي بينڪ جي ملازمن جو انگ 1 هزار 178 آهي، جن ۾ آفيسر گريڊ (او جي) 8 ۾ 16 ملازمن آهن، جن جي وڌ کان وڌ پگھار 39 لک 35 هزار رپيا ماهوار ۽ پينشن 11 لک 95 هزار رپيا آهي، او جي 7 جا 31 ملازم آهن جن جي پگھار 25لک ۽ پينشن 9 لک 74 هزار رپيا آهي، او جي 6 جا 60 ملازم آهن جن جي پگھار 15 لک ۽ پينشن 8 لک رپيا آهي.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گريڊ 4 جا 266 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ ماهوار پگھار 5 لک 76 هزار ۽ پينسن 6 لک 38 هزار رپين تائين آهي، گريڊ 3 جي 286 ملازمن جي وڌ کان وڌ پگھار 2 لک 91 هزار ۽ پينشن 4 لک 91 هزار تائين آهي، گريڊ 2 جي 286 ملازمن جي وڌ کان وڌ پگھار هڪ لک 85 هزار ۽ پينشن 4 لک 29 هزار رپين تائين آهي جڏهن ته گريڊ ون جي 4 ملازمن جي وڌ کان وڌ پگھار هڪ لک 11 هزار رپيا ۽ پينسن 2 لک 283 هزار رپين تائين آهي.
سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني مئنيجمينٽ پوزيشن جي پگھارن جي پيڪيج تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته هڪ پاسي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي چوڻ تي بجلي ۽ گيس جون قيمتون وڌايو پيون وڃن ته ٻي پاسي حڪومت جا شاهي خرچ وڌي ويا اهن، اشرافيا جي پگھار ۽ مراعتون بي حساب وڌايون پيون وڃن.
هن چيو ته چيو ويندو آهي ته پارليامينٽ پيسو کائي وئي آهي، پيسو پارليامينٽ کاڌو آهي يا سول بيوروڪريسي کائي رهي آهي، 164 رٽائرڊ فوجي ۽ سول آفيسر جيڪي ٻاهر آهن، ڊالرز ۾ پينشن کڻي رهيا آهن، ان جو ڇا جواز آهي؟
سندس چوڻ هو ته پوءِ چيو ويندو آهي ته 18 هين ترميم، اين ايف سي ۽ صوبا سموري پئسا کائي ويا، 10 سال ٿي ويا ڪو به اين ايف سي ناهي ٿيو، رضا رباني تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن وفاق جا شاهي خرچ ڪنٽرول نه ٿيا، بيوروڪريسي جي پگھارن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اسان صوبن کان مطالبو ڪنداسين ته اهي ٽيڪس گڏ ڪن ۽پوءِ صوبا وفاق کي پئسا ڏيندا.
رضا رباني چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جون پگھارون هڪ لک 60 هزار رپيا آهي، ناڻي واري وزارت ايم پي ون، تو ۽ ٿري جون پگھآرون وڌايون آهن، ايم پي ون اسڪيل جي پگھار 8 لک رپين کان 10 لک رپيا ماهوار ٿي وئي، مراعتن سان گڏ اهي 11 لک رپين تائين ماهوار کڻي رهيا آهن، ايم پي ٽو جي پگھار هن وقت 3 لک 70 هزار رپين کان وڌيڪ 6 لک رپيا ٿي وئي آهي ۽ ايم پي ٿري جي ماهوار پگھار 24 لک کان 33 لک رپيا ٿي وئي آهي.
شمشاد اختر ٻڌايو ته ايم پي اسڪيل ان ڪري آندا هئا جو خانگي شعبي مان پيشيور ماڻهن کي آندو جيڪي سرڪاري شعبي جي مدد ڪن، انهن جي پيڪيجز تي حڪومتن نظرثاني ڪئي، هن وقت توانائي ۽ فنانس ۾ ٽيڪنيڪل مسئلا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڍانچو جديد بڻايو ان لاءِ اسان اهو ايم پي اسڪيل آندو هو.
سينيٽر پلوشا خان سوال ڪيو ته هڪ هڪ ملازم جي پگھار 40 لک رپيا آهي، هنن کي اهڙو ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي جو سندن پگھارون ايتريون وڌيڪ آهن؟
شمشاد اختر ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ سينٽرل بينڪ جو سيلري اسٽرڪچر سڀ کان مختلف هوندو آهي، بينڪنگ سيڪٽر جون پگھار گھڻيون وڌي چڪيون آهن، ان ڪري ضروري هو ته اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جون پگھارون به سٺيون هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.