ام رباب ۽ سردار ڀائرن ۾ ٺاهه جا افواهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ام رباب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ٽئين شاهد بيان ڏنو آهي ۽ کين اميد آهي ته انصاف ڪيو ويندو ڇو ته هي ڪيس جاگيرداڻي نظام خلاف بغاوت جو علم آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سردار ڀائرن پاران اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي اثر رسوخ تحت ڪو به بيان اخبارن ۾ ڏياري سگهن ٿا .

هن واضح ڪيو ته هڪ نام نهاد اخبار ۾ نبيري جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو ويو هو اهو سراسر ڪوڙ آهي، اسان جي هڪڙي پيشي تي نه اچڻ جو غلط مطلب ورتو ويو آهي.

ٻئي پاسي سردار چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالت ايندي رستن تي ٽريفڪ جام ڪري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ام رباب چانڊيو رڳو ڊراما ڪري رهي آهي ۽ سندس اهي ڊراما ختم ٿيڻ وارا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.