اداڪارا حاجرا پانيزئي جا پنهنجي ڪتاب ۾ عمران خان تي سنگين الزام

اڄ اسلام آباد ۾ پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي جي اداڪارا حاجرا خان پانيزئي جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن تي ٻڌل 2014ع جي آتم ڪٿا ’Where the Opium Grows‘ جي اوريجنل ورجن جي مهورتي تقريب ٿي گذري.
ڪتاب ۾ ڪوئيٽا سان واسطو رکندڙ اداڪارا حاجرا پانيزئي جا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت به سنگين الزام موجود آهن.
اداڪارا هاجرا خان پانيزئي پنهنجي آتم ڪٿا ’Where the opium grows, surviving Pakistan as a woman, an Actress and knowing Imran Khan‘ بابت سوشل ميڊيا تي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪتاب هڪ بائيوگرافي آهي جيڪا 2014ع ۾ لکي هئي جڏهن هوءَ شوبز ڇڏي لنڊن هلي وئي هئي.
هن چيو ته عمران خان کي نجي طور تي ڄاڻڻ مون لاءِ هڪ ڪارو ۽ ڀوائتو تجربو هو ۽ کيس ان وقت ڄاڻڻ جي ڪري منهنجو ڪيريئر شديد ڏکيائين جو شڪار ٿيو، گھڻن ماڻهن جا ڪيريئر ان انسان جي ڪري متاثر ٿيا. پنهنجي پيءُ جو تعارف ڪرائڻ تي شرمندگي آهي.
هن چيو ته عمران خان عوامي طور تي ناليوارو ڪرڪيٽر ۽ قومي هيرو آهي ۽ سندس حامي هن کي مسيحا قرار ڏيندا آهن پر ذاتي زندگي ۾ هو گھڻو مختلف آهي حامين طرفان هن جي مسيحا واري اميج بڻائڻ خوفناڪ آهي.
پانيزئي جو چوڻ هو ته ڪتاب 2014ع ۾ عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان ڪيترائي سال اڳ ڪنهن سياسي ايجنڊا کانسواءِ لکيو تڏهن مون کي خبر نه هئي ته هو وزيراعظم بڻجندو ۽ بدقسمتي سان حادثو ثابت ٿيو، عمران کي ڄاڻڻ مون لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻيو جڏهن آئون واٽس ايپ تي آيس ته هنن منهنجي سوشل ميڊيا کي هيڪ ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ اداڪارا ٻڌايو ته هن ڪتاب ۾ عمران خان بابت ڪجهه معاملن جي اڳڪٿي ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ هو گھڻي پريشان ۽ ڪنفيوز هئي ته اهو ڪتاب بنيادي طور تي هڪ ڪٿارسس هو ۽ هوءَ پنهنجي اندر جي ڪاوڙ کي ڪٿي نه ڪٿي ڪڍڻ چاهي پئي تڏهن کيس احساس ٿيو ته هن کي ڪتاب لکڻ گھرجي.
اداڪارا ٻڌايو ته ڪتاب شايع ٿيو ته گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، آئون خوشي سان ڪم تي ايندي ويندي هيس، بيهودا ڊرامن ۾ خراب ماڻهن سان عجيب ڪردار نڀائيندي رهيس منهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويو.
هاجرا خان پانيزئي چيو ته آئون پهرين انسان ته نه آهيان جو اها ڳالهه ڪري رهي آهيان روز ڪو نه ڪو ٽي تي ويهي ڪجهه چوندو آهي ڇا سڀ ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن سڀ جون ڳالهيون بي معنيٰ آهن ڇا سڀ ڊنل آهن؟ جيڪو اڄ جو پاڪستان آهي آئون ته 9 سال اڳ ان جو حصو نه هيس جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي آئون هڪ معمولي اداڪارا ٿي ڇو سچ ڳالهائي رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.