خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.
مک جوابدار پير اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي فاطما ڦرڙو جي ماءُ شبانا ڦرڙو جو چوڻ هو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين.