ڪعبي شريف جي امام جي آرمي چيف سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪعبي شريف جي امام شيخ صالح بن عبدالله بن محمد حميد سان آرمي چيف جي ملاقات ٿي آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب امام ڪعبه، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

جي ايڇ ڪيو هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته ڪعبي جي امام جو اپڪستان اچڻ پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، سڄي دنيا جا مسلمان هرمين شريفين لاءِ عقيدت رکن ٿا. سڄي دنيا جا مسلمان نگهبان جو بي حد احترام ڪن ٿا.

ڪعبي شريف جي امام چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي.

آرمي چيف موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جا مضبوط استريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. پاڪستانين جي دلين ۾ سعودي عرب جي بادساهت لاءِ بي مثال احترام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.