چنڊ جي مٽي ۾ فصل پوکڻ جو منصوبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري سائنسدانن کي چنڊ جي مٽي ۾ پوک جي حوالي سان مطالعو ڪرڻ لاءِ 23 لک ڊالرز جي رقم جاري ڪري ڇڏي.
محققن موجب هنن جو مقصد ٿرائيو ان ڊيپ اسپيس (TIDES) پروگرام تحت چنڊ جي مٽي ۾ ٻوٽا پوکڻ جي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ آهي.
ناسا جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان پروگرام جو حتمي مقصد ڊگھن خلائي مشنز کي ممڪن بڻائڻ ۽ زمين تي زندگي کي بهتر ڪرڻ آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خلائي حياتيات تي ٻڌل تحقيق اسپيس فلائيٽ ۾ ماڊل حياتيات تي ماحولياتي اثرن جو مطالبو ممڪن بڻائڻ سان گڏ اهم ڄاڻ به فراهم ڪندي جيڪا خلا جي حوالي سان بهتر تحقيق کي ممڪن بڻائيندي.
ناسا جو چوڻ هو ته انهن منصوبن ۾ اهو ڏٺو ويندو ته چنڊ جي مٽي فصلن (جنسن، ٽماٽا ۽ پٽاٽا) پوکڻ ۾ ڪيئن ڪم ڪري سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.