گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ ڊي ايس پي جي انچارج ايس ايس پي خلاف جاچ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌاڙي ۾ گرفتار ۽ معطل ڪيل ڊي ايس پي عمير طارق جي انچارج ايس ايس پي خلاف به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهران اڍائي لک رپين جي ڌاڙي ۾ گرفتار ڪيل تربيت هيٺ ڊي ايس پي جي انچارج معطل ڪيل ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي خلاف به سخت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي عمران قريسي خلاف آءِ جي سنڌ سڌي ريت ڪارروائي نٿو ڪري سگهي، ان سلسلي ۾ اختيار سنڌ حڪومت، گهرو کاتي يا استيبلشمينٽ ڊويزن وٽ آهي، ان بابت گهرو کاتي کي خط لکيو ويو آهي، سندس خدمتون فوري طور تي وفاق حوالي ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.