القادر ٽرسٽ ڪيس: عمران خان سميت 29 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا جي ماتحت ڪميٽي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان سميت سندس 29 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهن جي سفارش ڪري ڇڏي.

وفاقي ڪابينا جي ماتحت اي سي ايل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، مواصلات واري نگران وزير شاهد اشرف سميت گهرو وزارت ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ اي سي ايل بابت مختلف قسم جي ڪيسن جو جائزو ورتو ويو.

ڪميٽي 41 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي جنهن ۾ نيب جي سفارش تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت 29 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي.

عداليا جي هدايتن تي 7 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي، نظرثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 3 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي.

ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ نگران وفاقي ڪابينا ڏانهن اُماڻيون وينديون .

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري، فرح گوگي ۽ پراپرٽي ٽائيڪون جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.