فائنل ۾ غير معياري پچ ٺاهي ڀارت پاڻ ٻڏي ويو ۽ سٺو ٿيو: رڪي پونٽنگ

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيو آهي ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ غير معياري پچ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڀارت کي پاڻ ئي ڳچي پئجي ويو.
پنهنجي بيان ۾ رڪي پونٽنگ چيو ته ڀارت فائنل لاءِ پچ اهو سوچي تيار ڪئي هئي ته هو آسٽريلوي بيٽرز کي پريشان ڪندا پر اهو فيصلو ڀارت کي شڪست جي صورت ۾ ڳچي پيو، جيڪو منهنجي حساب سان سٺو ٿيو.
هن چيو ته فائنل واري ڏينهن ڪنڊيشن صفا اهڙي ئي هئي، جهڙي ننڍي کنڊ ۾ هوندي آهي پر اهڙي پچ جي تياري ڀارت کي ٻوڙي ڇڏيو.
هوڏانهن اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان چيو ته آسٽريليا ڀارت جي ڀيٽ ۾ ڪنڊيشن جو سٺو فائدو کنيو، حڪمت عملي جي حساب سان آسٽريليا جي ٽيم گهڻي هوشيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.