مهانگي بجلي کان پريشان شهرين لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) مهانگي بجلي کان پريشان شهرين لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته سيارو اچڻ سان ئي سولر پئنل جي اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي.
پهرئين درجي جي سولر پئنل جي قيمت 60 کان 65 رپيا في واٽ تائين پهچي وئي، گذريل سال سولر پئنل جي قيمت 125 رپيا في واٽ تائين هئي.
هوڏانهن بئنڪن سولر پئنل جي ايل سي روڪڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي سولر پئنل ايسوسيئيشن هال روڊ وفاقي حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سولر پئنل ايسوسيئيشن هال روڊ جي صدر شهاب قريشي موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سولر پئنل جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي، بئنڪن طرفان ايل سي روڪڻ سان اگهن ۾ هٿرادو واڌ جو خدشو آهي.
هن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت سولر پئنل جي ايل سي کولڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.