”  اوهان تي قوم کي فخر آهي“ موديءَ جي ڀارتي ڪرڪيٽرن کي آٿت، وڊيو وائرل

عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي شڪست بعد وزيراعظم نريندر موديءَ جي رانديگرن کي آٿت ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلد ڪپ 2023 جي فائنل ۾ آسٽريليا ڀارت کي هارائي ڇهون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

ورلڊ ڪپ شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان جي هاڪَ رهي ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر، تجزيي نگار ۽ مداح پراميد هئا ته ڀارت ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري وٺندو پر ائين نه ٿي سگهيو.

فائنل شڪست کانپوءِ ڀارتي رانديگر انتهائي مايوس نظر آيا، محمد سراج ميدان ۾ پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ لڙڪ لاڙي ويٺو.

اهڙي صورتحال ۾ فائنل جي خاص مهمان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انعامي تقريب کانپوءِ ڀارتي ڊريسنگ روم جو دورو ڪيو جتي هن ڪرڪيٽرن کي آٿت ڏيندي سندن حوصلا بلند ڪيا.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي روهت شرما، ويرات ڪوهلي کي چيو ته اوهان شاندار مقابلو ڪيو ۽ ڏهن ميچون کٽڻ به اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.

محمد شامي کي ڀاڪر پائيندي مودي عالمي ڪپ ۾ سندس ڪارڪردگي کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.