اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيض آباد ڌرڻي بابت انڪوائري ڪميشن پيمرا کان وڊيو رڪارڊ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي بابت انڪوائري ڪميشن جو پهريون باضابطا اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت اڳوڻي آءِ جي اختر شاهه ڪئي، جڏهن ته ڪميشن جو هڪ رڪن اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪميشن شروعاتي طور تي سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ گڏوگڏ فيض آباد ڌرڻي بابت ٿيل انڪوائري رپورٽ به طلب ڪري ورتي.
ذريعن موجب انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي بابت پيمرا کان وڊيو رڪارڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ڪميشن جي ايندڙ اجلاس ۾ سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي گهرائڻ جو فيصلو ٿيندو.
You might also like