اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج سردار طارق مسعود خلاف شڪايت گڏيل طور تي خارج ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت جو جائزو ورتو ويو.
سردار طارق مسعود خلاف آمنه ملڪ شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي کيس به نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت گڏيل طور تي خارج ڪئي وئي ۽ ڪائونسل چيو ته آمنه ملڪ جي شڪايت ۾ ڪا ٺوس ڳالهه سامهون نه آئي.
You might also like