ڀينر قرباني نه ڏين ها ته اڄ ڪرڪيٽر نه هجان ها: شعيب ملڪ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن ڀينر قرباني نه ڏين ها هو اڄ ڪرڪيٽر نه هجن ها.

شعيب ملڪ تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي مشڪل حالتن تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ پيءَ جي جي زندگي جي پڇاڙڪن ڏينهن کي ساريندي لڙڪ لاڙي ويٺو.

نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ميزبان جي سوالن جو جواب ڏيندي شعيب ملڪ ٻڌايو ته 2006ع ۾ جڏهن هو فيصل آباد ۾ ڀارت خلاف ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيو هو، ان دوران سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو.

هن ٻڌايو ته ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ سندس والد جي طبعيت بگڙي وئي هئي ۽ هو اسپتال ۾ داخل هو پر سندس ضد  ۽ خواهش تي ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ٽيسٽ ميچ دوران کيس تڏوهڪي ٽيم مئنيجر ۽ انضمام الحق رات جو اڍائي وڳي اچي ٻڌايو ته سندس والد جي طبعيت انتهائي ناساز آهي، کيس گهر وڃڻ گهرجي ۽ پوءِ هو رات دير سان گهر لاءِ نڪتو.

شعيب ملڪ ٻڌايو ته جنهن ئي والد وٽ پهتس ته هن واپس ڪرڪيٽ کيڏڻ موڪليو پر رات جو وري واپس گهرايو ويو ، تيستائين سندس لاڏاڻو ڪري چڪو هو.

شعيب ملڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي گهرو حالتن تي ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته سندس ٻنهي وڏين ڀينرن گهر جو خرچ برداشت ڪيو.

هن چيو ته ان وقت هو ڪمائڻ جهڙو نه هو، سندس ٻئي ڀينر نوڪري ڪري گهر جو چرخو هلائينديو هيون، جيڪڏهن هو قرباني نه ڏين ها ته مان ڪرڪيٽر نه هجان ها.

ان کانسواءِ شيعب زندگي ۾ آيل ڏکيائين سميت ڪرڪيٽ ۾ ٿيندڙ سياست تي گفتگو ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.