ايران جديد هائپر سونڪ ميزائل ” فتح“ لانچ ڪري ڇڏيو

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران طرفان جديد هائپر سونڪ ميزائل ” فتح“ لانچ ڪئي وئي، ميزائل جي مهورت ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي ملڪ ۾ جاري هٿيارن جي نمائش دوران ڪئي وئي.

پاسدارانِ انقلاب جي ائيرو اسپيس ڊويزن جي انتظام هيٺ ايراني يونيورسٽي ۾ جاري هٿيارن جي نمائش ۾ ” الفتح “ هائپر سونڪ ميزال جي مهورت ڪئي ان کانسواءِ ٻين هٿيارن سان گڏ ايراني ۾ تيار ڪيل ڊرون ” غزا “ به رکيو ويو هو.

ايراني ميڊيا موجب، الفتح ميزائل ايران جي هاپر سونڪ ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ جديد ۽ اهم تبديلين کانپوءِ پيش ڪيو ويو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب، ايران طرفان ميزائل بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا پر ان کان اڳ ايراني اختيارين ٻڌايو هو ته فتح ميزائل ۾ پنج ڏهائي هڪ ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار ۽ 1400 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.