”نواز شريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته اڳ ۾ ننڍي ڀاءَ کي امپورٽڊ وزيراعظم طور ويهاريو ويو، هاڻ نواز شريف ڊبل امپورٽڊ آهي، آمريڪي سفارتخاني جا ٻه بيان ان جو ثبوت آهن، اڳ ڊونلڊ لو هو ۽ هاڻ ڊونلڊ بلوم آهي.
سندس موجب نواز شريف لاءِ هن لفظ استعمال ڪيو ته پوليٽيڪل ايڪٽر سان ملاقات ڪئي، نواز شريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي.
هن چيو ماڻهو تيار ويٺا آهن ته 8 فيبروري تي مهانگائي ۽ پيٽرول بم جو بدلو وٺنداسين، پرچي ذريعي بدلو ورتو ويندو، جيئن جمهوريت ۾ ٿيندو آهي، ماڻهن کي ووٽ وجهڻو آهي، ڪير ڪنهن جو هٿ نٿو پڪڙي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.