پاڪستان ۾ اڄ سون جو اگهه ڪيترو رهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ اگهه مستحڪم رهيو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ٻه ڊالر گهٽجڻ سان 1999 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي مستحڪم رهي.
مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار رپين ۽ 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 84 هزار 414 رپين جي سطح تي برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.