ورلڊ ڪپ: ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان، پاڪستاني رانديگر نظرانداز

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) طرفان ورلڊ ڪپ جي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو ويو  جنهن ۾ فائنل کيڏندڙ ڀارتي ٽيم جا 6، ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا جا 2 رانديگر چونڊيا ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پليئر آف دي ٽورنامينٽ ويرات ڪوهلي، روهت شرما (ڪپتان)، ڪي ايل راهول، رويندرا جاڙيجا، جسپريت بُمرا ۽ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ محمد شامي ٽيم ۾ شامل آهن.

ان کانسواءِ آل رائونڊر گلين ميڪسويل ۽ اسپنر ايڊم زمپا به ٽيم آف دي ٽورنامنيٽ جو حصو آهن.

ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ ڏکڻ آفريڪي اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ (وڪيٽ ڪيپر)، نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل، دلشان مڌوشانڪا شامل آهن جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر جيرالڊ ڪوئٽز  ٻارهون رانديگر  آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.