ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪلاسيڪل ڊانسر ۽ سماجي ڪارڪن شيما ڪرماڻي کي برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪميسن ۾ پروگرام مان ڪڍڻ جو اصل سبب سامهون اچي ويو آهي.
ذريعن موجب فلسطين جي حق ۾ نعرو هڻڻ تي شيما ڪرماڻي کي ڪراچي ۾ قائم برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪميشن ۾ پروگرام مان ڪڍيو ويو.
شيما ڪرماڻي جو چون هو ته اها تقريب 17 نومبر تي ڪنگ چارلس جي سالگرهه جي مناسبت سان رٿي وئي هئي. هن سيز فائر جو نعرو هنيو جنهن تي سيڪيورٽي کيس زوري ڪڍي ڇڏيو.