ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شڪست تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي طنزيه واري ڪري ڇڏيو.
احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ کيڏيل آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل ۾ ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي آسٽريليا ڇهون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو.
شڪست کانپوءِ وزيراعظم نريندي مودي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڀارتي ٽيم لاءِ اتساهيندڙ پيغام جاري ڪيو.
نريندي مودي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ” اوهان پوري ٽورنامينٽ ۾ زبردست جذبي سان کيڏيا، قوم کي اوهان تي تمام گهڻو فخر آهي ۽ سڄو ملڪ اوهان سان گڏ بيٺو آهي.
Modi G, itni cheating kr k bhi har gye 😂😂🙏🏻 #INDvsAUSfinal
— Hareem Shah (@_Hareem_Shah) November 19, 2023
مودي پوسٽ تي ٺٺول ڪندي ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو ته مودي جي! ايڏي ڌانڌلي باوجود به هارائي ويا“ هن پنهنجي ردعمل ۾ کِلڻ وارو ايموجي پڻ استعمال ڪيو.
هڪ ٻي پوسٽ تي ردعمل ڏيڻ کانپوءِ حريم شاهه پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي هڪ مزاحيه تصوير پوسٽ ڪئي.
We Pakistanis Thank Australia for teaching a lifetime lesson to Besharam Indians. 🔥#INDvsAUSfinal pic.twitter.com/KrzWdMFzCl
— Hareem Shah (@_Hareem_Shah) November 19, 2023
تصوير ۾ ويرات ڪوهلي ميگا ايونٽ جو فائنل هارائڻ کانپوءِ ميدان ۾ منهن لڪايون ليٽيو پيو آهي جڏهن ته سندس ڀرسان انوشڪا شرما مايوس ويٺي آهي.
حريم شاهه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان پاڪستاني قوم، بي شرم ڀارت کي زندگي ڀر لاءِ سبق سيکارڻ تي آسٽريليا جا ٿورائتا آهيون.