سنڌ جي ميڊيڪل، ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٻيون ڀيرو ٽيسٽ ورتي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ جي ميڊيڪل، ڊينٽل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جي داخلا ٽيسٽ اڄ ٻيهر ورتي وئي.
اميدوارن جي امتحاني مرڪزن ۾ داخلا جو وقت صبح جو 7 وڳي کان 9 وڳي تائين رکيو ويو هو جڏهن ته امتحان جو وقت صبح جو 10 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين هو.
ايم بي بي ايس جي 3600 ۽ بي ڊي ايس جون 1190 سيٽن لاءِ ٿيل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ 41 هزار اميدوارن امتحان ڏنو، ٽيسٽ ۾ ڪراچي ۾ 15 هزار ۽ ڄامشورو ۾ 13 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو.
ان کانسواءِ نواب شاهه ۾ 4 هزار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 9 هزار اميدوار ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
انتظاميا موجب امتهاني مرڪزن ۾ موبائيل فون سميت اليڪٽرانڪ ڊوائيسز آڻڻ تي پابندي هئي جڏهن ته والدين ۽ مائتن کي به امتحاڻي مرڪزن جي اڱڻ ۽ ان جي ويجهو وڃڻ جي اجازت نه هئي.
امتحاني مرڪزن ۾ قلم ۽ پاڻي جون بوتلون انتظاميا طرفان ڏنيون ويون جڏهن ته ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ داخلا جي ٽيسٽ سبب يونيورسٽي روڊ، سوڪ سينٽر ۽ اسٽيڊيم روڊ تي ٽريفڪ جام رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.