ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون سنڌ ۾ سياسي وڪيٽون ڪيرائڻ شروع ڪري ڇڏيون، ڪراچي جي ميمڻ هائوس مان سياسي حوالي سان هڪ ٻي خبر سامهون آئي آهي.
نون ليگ پيپلزپارٽي کي دادو ضلعي ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ منصوبابندي جوڙي ورتي آهي.
ان حوالي سان دادو ضلعي جي سياست ۾ ماضي جي اهميت شخصيت لغاري خاندان نون ليگ ۾ شموليت ڇڏي آهي.
دادو جي جوهي تعلقي جي لغاري خاندان جي سردار گاجي خان لغاري ۽ رئيس احمد خان لغاري نون ليگ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته لغاري سردارن مسلم ليگ نون سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ مسلم ليگ نون ۾ شمولت جو اعلان ڪيو.
ملاقات دوران مسلم ليگ نون جو مرڪزي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر، شڪيل جلباڻي، زاهدا ڀنڊ، صدر ليڊيز ونگ سنڌ هوي ڀنڊ، آصف راجپر، رائيس شاهجان لغاري ۽ عجب علي لغاري به موجود هئا.