اسرائيل ۽ حماس جنگ بندي تي راضي ٿي ويا:آمريڪي اخبار جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس غزا ۾ 5 ڏينهن لاءِ جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس آمريڪي حمايت يافتا جنگ بندي جي ڊيل تي راضي ٿي ويا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو اهي ته ڌرين يرغملان جي آزاد جي عيوض غزا ۾ ويڙهه تي 5 ڏينهن جي وقفي تي اتفاق ڪيو آهي.
آمريڪي اخبار موجب 24 ڪلاڪن ۾ 50 ويجهو يرغمالين جي ازادي جو امڪان آهي ۽ ڌرين ۾ طئي ٿيل معاهدو 6 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ معاهدي تي مک ڪردار قطر ادا ڪيو آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان پاران اسرائيل ۽ حماس ۾ معاهدي جي ترديد
آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي اسرائيلي اختيارين طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون ناهي آيو پر وائيٽ هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل ۽ حماس و چ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته آمريڪا ٻنهي ڌرين وچ ۾ معاهدي لاءِ ڪوشش جاري آهن.
آمريڪي صدر اسرائيل تي جنگ بندي لاءِ دٻاءُ وجهي:فلسطيني صدر
فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪي صدر جو بائيڊن کان جنگ بندي لاءِ اسرائيل تي زور ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو اهي ته تاريخ انهن ڏوهن تي ڪنهن کي به معاف نه ڪندي، اسرائيل طرفان نسل ڪشي دفاع نٿو چورائي سگھجي.
گذريل ڏينهن به اسرائيل غزا ۾ گڏيل قومن جي اسڪول ۾ پناهه ورتل فلسطينين تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا.
جرمن چانسلر اولاف شولز اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو ته اولهه ڪناري ۾ نئين آبادڪارين جا خواهشمند ناهيون.
هن چيو ته غزا ۾ انساني صورتحال ۾ فوري بهتري جي ضرورت آهي، اسرائيلين ۽ فلسطينين لاءِ 2 رياستي حل ئي بهترين آپشن آهي.
قطر جباليه ڪيمپ ۾ گڏيل قومن جي اسڪول تي بمباري جي مذمت ڪندي چيو ته اسڪولن ۽ اسپتالن تي اسرائيلي حملن جي فوري عالمي جاچ ٿيڻ گھرجي.
سعودي عرب به گڏيل قومن جي اسڪول تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا تي جاري اسرائيلي بمباري ۾ هيل تائين 12 هزار 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.