هوڙ يا ڏندن ۾ سور جي تڪليف انکي خبر هوندي جنهن کي اهو هڪ ڀيرو پيو هجي، ڏندن جي سور ۽ هوڙن جا مخلتف علاج ٿي سگهن ٿا پر اهو سور گهٽائڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻهو مختلف گهريلو طريقا ۽ ٽوٽڪا آزمائيندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن فائديمند ثابت ٿيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن وري انهن جو ڪو به فرق ناهي پوندو. هوڙ ۾ سور هجي ته ننڊ حرام ٿي ويندي آهي ۽ کائڻ پيئڻ ته ڇا پر ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ به ناهي وڻندو.