سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي گرم ڪپڙن جو استعمال شروع ٿي ويندو آهي ان سان گڏ دوستن يارن سان محفلون ۽ مچ ڪچهريون مچڻ به شروع ٿي وينديون آهن.
ان موسم جي هڪ ٻي سُٺي ڳالهه اها به آهي ته سياري ۾ ذائقيدار، وڻندڙ ۽ من پسند کاڌا کائڻ جو موقعو به ملي وڃي ٿو.
سياري ۾ ساڳ پليون ۽ انهن ۾ مکڻ وجهي کائڻ ته سڀ ڪنهن کي پسند هوندا پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ساڳ ۽ پکي نه رڳو کائڻ ۾ ذائقيدار پر صحت جي به وڏن فائدن وارا آهن