ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ مان غير قانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ مان پرڏيهي ڪرنسي جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ احمد رضا ۽ فيضان رضا به شامل آهن.
ايف آءِ اي عملدارن موجب جوابدار پرائز بانڊز جي ڪاروبار جي اوٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي منظوري کانسواءِ پرڏيهي ڪرنسي جي مٽا سٽا ، خريد ۽ وڪرو ڪندا هئا.
جوابدارن جي قبضي مان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي.