”شادي جي لفظ کان به ڊپ ٿيندو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شروتي هاسن پنهنجي دوست سنتانو هزاريڪا سان لاڳاپن کي نالو ڏيڻ ۽ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ تي ڳڻتي جو شڪار ٿي وئي آهي.

گذريل ڪجهه سالن کان اهي دعوائون ٿينديون رهيون آهن ته شروتي هاسن ۽ سندس ويجهو دوست ٽيٽو آرٽسٽ سنانو هزاريڪا لاڳاپن ۾ آهن.

تازو شروتي هاسن ان حوالي سان چيو ته کيس شادي جي لفظ کان به ڊپ ٿيندو آهي، ان لفظ ۾ گهڻو ڪجهه آهي ان لاءِ مان ان بابت سوچڻ ئي نٿي چاهيان.

هن چيو ته مان سنتانو سان خوش آهيان ڇا اهو شادي ڪرڻ کان بهتر ناهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.