پاڪستان ڇڏي هندستان ويندڙ هندن جي حالت خراب، عالمي ميڊيا جي شاهدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هندستان سدائين پاڪستان ۾ پناهگيرن جي حالتن بابت ڪوڙي ۽ ناڪاري پروپيگينڊا ڪندو آيو آهي، پر اڄ پنهنجي ئي ملڪ ۾ لڏي آيل هندن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي.
عالمي ميڊيا شاهدي ڏئي رهي آهي ته پاڪستان ڇڏي هندستان ويندڙ هندو بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مودي سرڪاري هندستان پهچڻ کان پوءِ پاڪستاني هندن کي پروپيگينڊا لاءِ استعمال ڪرڻ کان پوءِ لاوارث ڇڏي ڏنو آهي.
پاڪستاني هندن جو چوڻ آهي ته کين هندستان سرڪاري بلڪل بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، پاڪستاني هندن موجب سندن ٻار بک مري رهيا آهن پر ڪنهن کي به پرواهه ناهي، مودي سرڪاري پنهنجا واعدا پورا ناهن ڪيا.
ڊي ڊبليو موجب هن وقت هندستان ۾ 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني هندو شديد مايوسي جو سڪار آهن، جڏهن دي وائر جو چوڻ آهي ته 17 مئي 2023 ۾ راجسٿان ۾ 150 پاڪستاني هندن کي بي گھر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح بلومبرگ موجب 24 اپريل 2023ع تي جوڌپور ۾ پاڪستاني هندن جي سڄي وسندي کي بلڊوز ڪيو ويو، 16 مئي 2023ع تي جيسلمير ۾ به هندستاني حڪومت 200 کان وڌيڪ پاڪستاني هندن کي بي گھر ڪيو.
گارڊين جي رپورٽ موجب مڌيا پرديش ۾ پاڪستاني هندو عورتن کي انتهاپسند گروهه زيادتي جو نشانو بنايو، ۽ پوليس شڪايت داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، الجزيرا موجب هندستان ۾ پاڪستاني هندو بک ۽ افلاس ۽ بيروزگاري جي سنگين صورتحال ۾ ورتل آهن.
بي بي سي جو چوڻ آهي ته هندستان ۾ پاڪستاني هندو بنيادي ضرورتن کان به محروم نظر اچي رهيا آهن. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز به ڪجهه ائين ئي لکيو آهي ته صورتحال اها آهي جو پاڪستاني هندن کي هندستان جي اسڪولن به تعليم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
اٽلانٽڪ موجب مودي سرڪاري جي ناروا سلوڪ سبب 800 پاڪستاني هندو هندستان ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، دي وائر نشاندهي ڪئي آهي ته راجسٿان ۾ 2500 کان وڌيڪ پاڪستاني هندو، انتهاپسندن جي ظلمن جو شڪار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.