ون ڊي ڪرڪيٽ تي حڪمراني جي ويڙهه، ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ آخري دنگل سڀاڻي ٿيندو

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو آخري دنگل سڀاڻي احمد آباد جي نريندي مودي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، جتي ڀارت ۽ آسٽريليا جون ڪرڪيٽ ٽيمون هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.

پنج ڀيرا عالمي ڪپ کٽيندڙ آسٽريليا خميس ڏينهن ٻئي سيمي فائنل ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ ٽن وڪيٽن تان هارائي اٺون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفا ڪيو.

ڀارت پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي هارائي فائنل ۾ پهتو آهي، ڀارت چوٿون ڀيرو عالمي ڪپ جو فائنل کيڏي رهيو آهي جڏهن هو ٻه ڀيرا ورلڊ چيمپيئن بڻجي چڪو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ آسٽريليا ۽ ڀارت 2003ع واري آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آمهون سامهون آيون هيون جنهن ۾ آسٽريليا ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.