ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح اسپتال ۽ سول اسپتال جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال هيل تائين ڪراچي ۾ روڊ حادثن جا 84 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته روڊ حادثن سبب هلندڙ سال هيل تائين 800 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
تفصيلن موجب هر سال نومبر جي ٽين آچر کي سڄي دنيا ۾ ٽريفڪ حادثن جي متاثرن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد ٽريفڪ قانون لاڳو ڪرڻ ذريعي روڊن ۽ شاهراهن تي ٿيندڙ حادثن جي روڪٿام آهي.
جناح اسپتال ڪراچي جي حادثات واري شهبي جي عهديدار عرفان صديقي چيو ته 19 نومبر کي ٽريفڪ حادثن جي متاثرن جي ياد ۾ ملهايو پيو وڃي، روڊ تي گاڏي يا موٽرسائيڪل سوارن جي غفلت ۽ لاپرواهي اڪثر فوٽ پاٿ تي پنڌ گھمندڙن لاءِ موتمار ثابت ٿيندي آهي، گھڻو ڪري ماڻهو پيٽرول جي بچت لاءِ شارٽ ڪٽ استعمال ڪندا آهن.
هن بڌايو ته اسان وٽ ڏينهن جو تقريبن 1500 کان 2000 ايمرجنسي ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن، جن مان 140 کان 160 ماڻهو ٽريفڪ حادثن مان متاثر هوندا آهن، ڇو جو هاڻي شهر ۾ ٽريفڪ ۽ انفراسٽرڪچر جا مسئلا وڌي ويا آهن جڏهن ته اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ روز جي بنياد تي 4 کان 6 متاثر فوت ٿي ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال کان هيل تائين جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جا 45000 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هلندڙ سال اسپتال ۾ ٽريفڪ حادثن سبب 500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، اهڙن ڪيسن ۾ جن ۾ کوپڙي، دماغ يا ڪرنگهي جي هڏي کي ڌڪ لڳو هجي يا اندروني طور تي رت وهي رهيو هجي، انهن کي ميجر ٽريفڪ حادثن جا ڪيس قرار ڏنو ويندو آهي.
Prev Post
You might also like