سانگهڙ ۾ پيءُ هٿان قتل ڪيل ٻن ڌيئرن ۽ قتل ڪيل سندس زال جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
پوليس کي قتل جي ڪارڻ جي ڄاڻ ناهي ملي سگهي پر پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شان لغاري ڪراچي ۾ ڊرائيور هو جيڪو گذريل رات ڳوٺ آيو هو ۽ ڳوٺ ايندي ئي هن ڪڌو عمل ڪيو آهي.
ياد رهي ته پوليس جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪيوهو.