ڪار حادثي ۾ 6 ڄڻن جو موت، جوابدار پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊفينس ڪار حادثي جي جوابدار افنان شفقت کي پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ جوابدار افنان شفقت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .

جوابدار جي وڪيل استدعا ڪيئ ته جوابدار ننڍي عمر وارو آهي، ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا وڃن.

عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪي ڳالهيون اوهان ڪري رهيا آهيو، اِهي ٽرائل جون آهن، سچ سڀني جي سامهون اچڻ گهرجي، واقعو افسوسناڪ آهي، حق ۽ ميرٽ تي جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن سچ سامهون اچي.

پوليس ٻڌايو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ورتا آهن، جوابدار جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ آهي، مختلف رخن کان جاچ گهربل آهي، عدالت جسماني رمانڊ فراهم ڪري.

عدالت جوابدار جي وڪيل جي شڪايت تي جاچ آفيسر کي چيو ته جوابدار کي هراسان نه ڪيو وڃي، جاچ ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته فريادي رفاقت استدعا ڪئي ته جوابدار کي قانون پٽاندڙ سزا ڏني وڃي.

عدالت جوابدار افنان شفقت کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.