ملڪ ۾ سون سوين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ اڄ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جو في تولو 14 سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک پندرنهن هزار 100 جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 1200 رُپيا گهٽجڻ بعد هڪ لک چوراسي هزار چار سئو 14 رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون پنج ڊالر لاٿ کانپوءِ 1981 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.