لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور پوليس اقبال ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ گهڙيل ڇهن چورن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب، چور اقبال ٽائون ۾ ڊاڪٽر عباد نالي شخص جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ٻارڙي جيڪا ڇت تي موجود هئي ان فوري طور پوليس کي ون فائيو تي چورن جي اطلاع ڏني، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي نفري موقعي تي پهتي ته چورن مٿن فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس دعويٰ ڪئي ته جوابي فائرنگ ۾ گهر ۾ گهڙيل ڇهه چور مارجي ويا.
پوليس موجب، چورن سان مقابلي ۾ گهر ڀاتين ۽ پوليس کي ڪنهن به قسم جو نقصان ناهي پهتو جڏهن ته چورن جي لاشن قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.