ڪولمبيا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت پنهنجين ساٿين سان گڏجي 2 سالن جي پٽ کي اغوا ڪرايو ته جيئن مڙس کان ڀنگ وٺي سگھجي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب 12 نومبر تي ڪولمبيا جي شهر بار انڪويلا جي ڏکڻ ۾ ڪيريب وردي ۾ هڪ ٻار کي اغوا ڪرڻ جبر ٻيلي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي.
اها خبر پکيڙي وئي ته 2 سالن جي ٻار کي ماءُ ڪڇ مان ان وقت کسيو ويو جڏهن هوءَ انهن کي هنج م کڻي گھمڻ لاءِ نڪتي هئي، ٻه هيلمٽ پرهيل موٽرسائيڪل سوار عورت جي ويجهو پهتا، عورت کي ڊيڄاريو ۽ سندس ٻار کي کڻي فرار ٿي ويا.
پوليس جي واقعي واري هنڌ پهچڻ بعد عورت کان پڇا ڳاڇا ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ٻار کي ڳولڻ وقت نه لڳو ڇو جو پوليس کي ڪنهن اطلاع ڏنو ته 2 سالن ٻار کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ هڪ اپارٽمينٽ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن پوليس اتي پهتي ته ٻارڙو نه رڳو ٻين ماڻهن سان گڏ موجود هو پر سندس ماءُ جو سٺو دوست به ٻار جي سار سنڀال ڪري رهيو هو جنهن جي نشاندهي ٻار جي پيءُ ڪئي.
ان کان پوءِ خبر پئي ته 17 ورهين جو ڇوڪرو جڏهن 2 سالن جي ٻار کي گھر کڻي آيو ته ان ڇوڪري جي ماءُ فورن پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو.
نوجوان کان جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي ته ٻار جي ماءُ ئي نوجوان کي ٻار جي سار سنڀال ڪرڻ جو چيو هو ته جيئن هوءَ پنهنجي مڙس کان 14 هزار 700 ڊالرز وٺي سگھي.
پر اهو واضح ناهي ته مڙس اهو ڄاڻڻ بعد زال سان لاڳاپا ختم ڪيا يا نه پر هن وقت 2 سالن جو ٻار پيءُ جي سار سنڀال ۾ آهي جڏهن ته ماءُ جيل ۾ قيد آهي.
You might also like