اڪثر ريفريجريٽر جي اندروني ڀت ۽ ان جي در تي عجيب ڪارو ۽ سرمائي رنگ جو فنگس ظاهر ٿيندو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ عجيب لڳندو آهي.
ريفريجريٽر ۾ نظر ايندڙ ان فنگس جو سڀ عام سبب پراڻو ۽ خراب کاڌو آهي.
اوهان پنهنجي ريفريجريٽر کي هر طرح سان صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهيو پر پوءِ به اهو فنگس موجود هوندو آهي.
اوهان جو ريفريجريٽر گھڻو ڪري اونداهو هوندو آهي ۽ فنگس کي اوندهه پسند هوندي آهي جنهن جي ڪري فنگس تيزي سان پکڙجندو آهي.
ريفريجريٽر بيڪٽيريا ۽ فنگس جي واڌ ويجهه لاءِ بهتري هنڌ هوندو آهي. گھڻي خوراڪ ۽ ٿڌ ان فنگس جي واڌ ويجه لاءِ بهتري ماحول پيدا ڪندي آهي.
مثال طور جيڪڏهن اوهان ڀاڄين جي خاني ۾ ڀاڄين جو ڪو سڙيل ٽڪرو آهي ته پوءِ اهو فنگس ٿوري وقت ۾ ٽري ۾ ٻين سمورين ڀاڄين تي لڳي سگھي ٿو.
۽ اهو ئي فنگس اوهان جي ريفريجريٽر جي ڀتين تي به لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي.
ان گندي، سرمائي داغ واري فنگس کي صاف ڪرڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو پر خوش قسمتي سان فرج ۾ موجود ان گند کي هٽائڻ لاءِ اسان اوهان کي سولو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون.
ان لاءِ اوهان رڳو هڪ ننڍي پيالي ۾ پاڻي ڀري ان ۾ اڌ ليمو نپوڙي ڇڏيو. ليمي جي ٻئي حصي کي ڇلي ۽ پاڻي جي پيالي ۾ ٿوري ليمي جي کَلَ گڏ رکي ڇڏيو.
ان پاڻي کي مائڪرو ويو ۾ 700 واٽ تي ٽن منٽن لاءِ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ ان گرم پيالي کي فرج ۾ رکي در بند ڪري ڇڏيو.
پيالي کي ڪجهه دير تائين ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيو ۽ ٿوري دير بعد ڪنهن صاف ڪپڙي سان سڄي ريفريجريٽر کي صاف ڪري وٺو.
ريفريجريٽر مان فنگس جي صاف ٿيڻ سان گڏوگڏ اوهان جي ريفريجريٽر مان تازي ۽ خوشوار بوءِ به ايندي.
You might also like