دماغ کي جسم کانسواءِ فعال رکندڙ اوزار ايجاد

ڊيلاس (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙو اوزار ايجاد ڪيو آهي جيڪو جسم کانسواءِ دماغ کي زندهه ۽ فعال رکي سگھي ٿو.
آمريڪا جي يوٽي سائوٿ ويسٽرن ميڊيڪل سينٽر جي محققن هڪ تجربي ۾ ڪيٽامائن سان بيهوش ڪيل خنزير جي دماغ کي جسم کان ڌار رکي رت جي گردش برقرار رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سائنسدانن ڪمپيوٽرائزڊ الگورٿم جي مدد سان دماغ ۾ بلڊ پريشر، ڪاٿي، گرمي پد ۽ گھربل جزن جي گھرج کي برقرار رکيو.
نيورولوجسٽ جي ٽيم موجب باقي جسممان ڪنهن به قسم جو حياتياتي مداخلت موصول نه ٿيڻ جي باوجود دماغي سرگرمي ۾ معمولي تبديلي آئي.
سائنسدانن موجب تجربي جي ڪاميابي جسم جي ٻين وظّيفن جي مداخلت کانسواءِ انساني دماغ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ نوان رستا کولي سگھي ٿو. جڏهن ته اها ٽيڪنالوجي مستقبل ۾ دماغ جي ٽرانسپلانٽ جي امڪانن جا رستا کولي سگھي ٿي.
اداري ۾ نيورولوجي جي پروفيسير زوان پاسڪل جو چوڻ هو ته اهو نئون طريقيڪار اهڙي تحقيق کي ممڪن بڻائي ٿو جنهن ۾ جسم مان آزاد دماغ تي ڌيان هجي ۽ انهن سمورن عضوياتي سوالن جا ائين حاصل ڪيا وڃن جيئن پهريان ڪڏهن به ناهي ٿيو.
دماغ کي اهڙيءَ طرح سان ڌار ڪرڻ سان محققن کي جسم جي قدرتي دفاعي نظآم کانسواءِ جزن جي کيپ جي اثرن جي مطالعي جو موقعو ملندو آهي.
اها تحقيق سائنٽيفڪ رپورٽس نالي جرنل ۾ ڇپيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.