حج مشن، سنڌ سرڪار جو مذهبي معاملن واري وزارت کان اهم مطالبو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) حج مشن خدمتن بابت سنڌ سرڪار مذهبي معاملن بابت وفاقي وزارت کان اهم مطالبا ڪري ڇڏيا.

قانون ۽ مذهبي معاملن واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو طرفان مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت ڏانهن خط لکيو ويو آهي ته جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ت سنڌ حڪومت جي ملازمن کي به مڪي، مديني حج مشن خدمتن لاءِ مقررين ۾ شامل ڪيو وڃي.

هن چيو ته فلاحي عملي واري اسڪيم تحت حج مشن ۾ انتظامي معاملن لاءِ مقررين ۾ صوبن جي ڪوٽا مختص آهي، جڏهن صوبائي ڪوٽا مختص آهي ته عمل ڇو ناهي ٿيندو، وفاقي حج مشن ۾ سرڪاري ملازمن جي سعودي عرب ۾ خادمين طور مقرريءَ ۾ صوبن جو حصو ناهي ڏنو ويندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هر سال حج پاليسي تحت اٽڪل ٽي سئو کان وڌيڪ وفاقي ملازمن حج دوران حاجين جي خدمت لاءِ مڪي ۽ مديني ۾ مقرر ڪيو ويندو آهي، پر وفاق سنڌ مان حاجين جي خدمت لاءِ هڪ به ملازم طلب ناهي ڪندو.

نگران صوبائي وزير چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال 2024ع ۾ وڌيڪ حاجي حج لاءِ وڃي سگهن ٿا، حاجين جي وڌيڪ انگ کي نظر ۾ رکندي حج مشن لاءِ وڌيڪ ملازم گهربل هوندا.

هن مطالبو ڪيوته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبائي مذهبي معاملن واري کاتي جي ملازمن کي به مڪي، مديني ۾ حج مشن دوران خدمتن لاءِ ڪئي ويندڙ مقررين ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.